ڪڏھن حاڪم ٿي، ڪڏھن ظالم ٿي
ڪڏھن جانب ٿي ڇلُ ڪري ڪري
اھڙو ويسُ سڄڻ پيو ڌري ڌري.
ھيءُ نينھن جو ناتو نڀجي اَچي
شل قرب ڪُٺل ڪو ڀي نه بچي
اِھا آس ٿي دل ۾ تري تري.
جو منھنجي دل کي مرض لڳو
لاھي، اھڙو نه طبيب مليو
چنتا ۾ دل ٿي ڳري ڳري.
نادان ڏٺي ھيءَ دل پھنجي
مون ڪين ڏٺي اَھڙي ڪنھنجي
کِلي لُڙڪن جا ڍُڪ ڀري ڀري.
ھي ديوانن جون ڳالھيون ھِت
سمجھي ڪوئي ديوانو بس
پيو چوٽ پٿّر سان ڪري ڪري.
رسُ، رنگ ۽ روُپ جي قائل جا
دل ديويءَ جي به ته گھايل آ
پئي سورن ۾ سا ڳري ڳري.
**
جڏھن من منھجو مُرجھائي ٿو
ڄڻ چوءُڌر چمن ڪوُمائي ٿو
پوءِ ڪيئن ڪلي ڪا ٽِري ٽِري.
ڪو غربت ۾ مون شاھُ ڏِٺو
ڪو ڌن ھوندي به ڪنگالُ ڏٺو
ٿيو پينو سو پيو ڦِري ڦِري.
گلزار ۾ گُل سان خار لڳي
ھيءَ دُنياداري ڄار لڳي
ٿو وقت سان ھرڪو ھِري ھِري.
Devi nangrani
No comments:
Post a Comment